بيجنگ – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي 20هين مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ روايتي گرمجوشي ۽ هم آهنگي جي ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪ چين دوستي جي عڪاس آهي، ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال، ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ پنهنجي دفاع جي حق جي تحفظ جي لاءِ چين جي حڪومت ۽ عوام پاران مسلسل حمايت کي ساراهيو. چين جي لاءِ ان جي بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي هن اسٽريتجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو قيادت جي تصور ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي خواهش تي ٻڌل آهي. نائب وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل کي خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بيجنگ ۾ آجيان ڪندي پرڏيهي وزير وانگ يي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان کي هڪ مضبوط دوست ۽ هر موسم جي اسٽريٽجڪ پارٽنر جي طور تي ڏسي ٿو. هن ٻطرفي لاڳاپن کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي چين جي خواهش جو اظهار ڪيو. پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ پاڪستان جي پرعزم موقف کي ساراهيندي هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته چين علائقائي امن، ترقي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم جاري رکندو. پرڏيهي وزير وانگ يي ان ڳالهه جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته مضبوط ڀاءُ جي حيثيت سان چين سدائين پاڪستان جي خودمختياري، سالميت ۽ ترقي جي رستي جي حمايت ڪندو. ڌرين پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، آءِ سي ٽي، زراعت، صنعتڪاري ۽ ٻين اهم شعبن ۾تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي طرف علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت جو ذڪر ڪيو ۽ سي پيڪ فيز 2 جي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ڪاميابي جي تعاون جي لاءِ خاص طور تي سي پيڪ منصوبن ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي نئين رستي جي ذريعي اڀرندڙ موقعن تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي پنهنجي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گهڻ رخي فورمز سميت سمورين سطحن تي ويجهي رابطي ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.