اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سي پي سي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي بيجنگ ۾ هڪ غيررسمي ٽي ڌري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٽنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ٽي ڌريي تعاون جو ورجاءُ ڪيو. هنن سفارتي مصروفيتن کي وڌائڻ، مواصلات کي مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل خوشحالي جي اهم محرڪات جي طور تي واپار، انفراسٽرڪچر ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عملي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو (بي آر آءِ) تعاون کي مضبوط ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي افغانستان تائين توسيع ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٽنهي اڳواڻن دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ خطي ۾ استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم تي زور ڏنو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽي ڌريي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون اجلاس جلد ئي گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ڪابل ۾ ٿيندو.