اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي تازي ڪابل جي دوري جو ذڪر ڪندي هن ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار جي آجيان ڪئي جنهن ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ اضافي، واپار ۽ ٽرانزٽ جي سهولت شامل آهي. هن بشمول واپار، ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.