اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگردن پاران اسڪول بس تي بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن اسڪول بس تي حملو ڪري ظلم جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن ۽ انهن کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي پوءِ ساهه کڻنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم حملي جو شڪار ٿيندڙ ٻارن جي والدين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ معصوم ٻارن ۽ استادن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن واقعي جي ذميوارن جي فوري طور تي سڃاڻپ ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي فوري طبي امداد يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ دهشتگردن پاران اسڪول بس ۾ معصوم ٻارن تي حملو بلوچستان ۾ تعليم سان انهن جي دشمني جو واضح ثبوت آهي. دهشتگردن اسڪول بس تي حملو ڪري ظلم جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون. هندستاني سرپرستي ۾ پلجندڙ دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچائي ساهه کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي انهن هندستاني حمايت يافته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. وزيراعظم پاڪستان جي مستقبل، ننڍڙن ۽ معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته مُون سميت پوري قوم جون همدرديون دهشتگردن جي بربريت جو شڪار ٿيندڙ معصوم ٻارن جي خاندانن سان آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ پاڪستان جي حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم ۽ متحد آهن.