اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ اسڪول بس تي دشمن جي بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دشمن اسان جي تاريخ کان بي خبر آهي، جڏهن قرباني جو وقت ايندو آهي ته پاڪستاني ٻارن جون ڪهاڻيون به سونهري اکرن ۾ لکيون وينديون آهن، قوم متحد آهي، ڀارت جي لڪي ڪيل ڪارروائين جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم بهادري ۽ همت سان پاڪستاني فوج جو ساٿ ڏنو ۽ دشمن کي شڪست ڏيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. هن چيو ته اڄ دشمن بلوچستان جي خضدار ضلعي ۾ اسڪول بس تي بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته دشمن اسان جي تاريخ کان بي خبر آهي. جڏهن قرباني جو وقت ايندو آهي ته پاڪستاني ٻارن جون ڪهاڻيون به سونهري اکرن ۾ لکيون وينديون آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته دشمن وٽ اها طاقت ۽ جرئت ناهي جو هُو روايتي جنگ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيئي سگهي. هن چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني فوج روايتي جنگ ۾ هندستان کي شڪست ڏني. هاڻي دشمن پراڪسيز ذريعي ملڪ تي حملو ڪري رهيو آهي، خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ۾ فتنه الخوارج جي فنڊنگ ۽ مدد ذريعي دهشتگرد واقعا ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته دشمن روايتي جنگ ۾ ڪا به ڪاميابي حاصل نه ڪئي، ان کي تاريخ جي بدترين شڪست ملي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي، فتنه الخوارج ڪو مسئلو ناهن، اسان ته ڀارت جا ايئر بيسز، براهموس ۽ رافيل جهازن کي ماري ڪيرايو آهي. هن چيو ته هي ايوان ٻارن تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ پوري پاڪستاني قوم جلد ئي ڀارت جي پراڪسيز کي شڪست ڏيندي. هن چيو ته ٽولين ۾ گهمندڙ دهشتگردن کي ختم ڪري ساهه کڻنداسين. هن چيو ته دهشتگرد گروهه ان غلط فهمي ۾ نه رهن ته اهي ٻارن کي نشانو بڻائي قوم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته جيستائين آخري دهشتگرد کي جهنم ڀيڙو نٿو ڪيو وڃي، تيستائين سُک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته اڄ پيش ايندڙ واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ملوث عنصرن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪجهه ٻار آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ آهن ۽ هن زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. آخر ۾ هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڀارت جي لڪي ڪيل ڪاررواين جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ۽ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.