ڪراچي -21 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خضدار ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته انسانيت دشمن عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري بيان مطابق هن خضدار واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي، هن زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.