اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ درجنين فلسطينين جي شهادت سان گڏوگڏ وڏي پئماني تي انخلا جي حڪمن، اسپتالن ۽ ٻئي اهم انفراسٽرڪچر کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب غزه ۾ اسرائيل جي زميني ڪاررواين ۾ توسيع سان گڏوگڏ پوري غزه کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جو اسرائيلي اعلان خطي ۾ امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. بيان موجب اسرائيل ڄاڻي واڻي اهم انساني امداد کي لکين جي سخت ضرورت تائين پهچڻ کان روڪي ٿو جيڪو گهيري ۾ ورتل فلسطيني عوام تي گڏيل سزا مڙهڻ جي برابر آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تازو ئي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، غزه ۾ هر پنجن مان هڪ شخص کي غذائي کوٽ ۽ پوري آبادي کي شديد غذائي عدم تحفظ ۽ ڏڪار جو خطرو درپيش آهي. ترجمان چيو ته قابض طاقت جا اهي تازه ترين قدم هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي ڇوٽ ۽ عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪن ٿا. پاڪستان عالمي برادري کي اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ غزه ۾ پائيدار جنگبندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان شديد ضرورت وارن لکين فلسطينين کي بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ سان گڏوگڏ اسرائيل کي ان جي ڪڌي ڏوهن جي لاءِ جوابده قرار ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان فلسطينين کي انهن جي اباڻي سرزمين تان بي گهر ڪرڻ، غيرقانوني اسرائيلي بستين کي وڌائڻ يا والاريل فلسطيني سرزمين جي ڪنهن به حصي کي ضم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي پنهنجي واضح مخالفت جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد، قابل عمل ۽ متصل فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.