اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سال 2024ع بابت رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته بئنڪنگ محتسب سال 2024ع ۾ بئنڪنگ صارفين کي 1.65 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، سال 2024ع ۾ ڪمرشل بئنڪن جي خلاف 27 هزار کان وڌيڪ شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. صدر بئنڪنگ محتسب کي عوامي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو.