راولپنڊي -20 مئي (اي پي پي)پ اڪ فوج جي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي الله پاڪ جو شڪرگذار آهيان، اهو اعزاز پوري قوم، پاڪ فوج خاص ڪري سول ۽ ملٽري شهيدن ۽ غازين جي نالي وقف ڪيان ٿو. آءِ ايس پي آر مطابق فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته مان صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ ڪابينه جي اعتماد جو ٿورائتو آهيان، اهو اعزاز قوم جي امانت آهي جنهن کي نڀائڻ لاءِ لکين عاصم به قربان. هن چيو ته اهو انفرادي نه پر پاڪ فوج ۽ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي، هن قوم جو به ٿورو مڃيو.