اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ وڌيڪ قدم جلد ۽ موثر لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 70 سالن جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم ضروري آهن، ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن ۽ ڪاروبار کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏينداسين، ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪاروبار ڪنهن به قسم جي رعايت جا مستحق نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معامن ۽ جاري سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظن نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ نظام کي خودڪار بڻائڻ جي لاءِ قدم تيزي سان جاري آهن. هن چيو ته 70 سالن جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم ضروري آهن، ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن ۽ ڪاروبار کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏينداسين، ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهو ۽ ڪاروبار ڪنهن به قسم جي رعايت جا مستحق نه آهن، ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪاروبار جي خلاف موثر قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ايف بي آر ۽ ان جي معاون قانون لاڳوڪندڙ ادارن جي ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ سيلز ٽيڪس جي چوري جي روڪٿام لاءِ نيشنل ٽارگيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، ان نظام تحت مصنوعات جي چرپر ۾ شامل گاڏين کي اي ٽيگ ۽ ڊيجيٽل ڊيوائس جي ذريعي سڌوسنئون ٽريڪ ڪيو ويندو. وڌيڪ اهو ته اي بلٽي جو نظام پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ايف بي آر جي سسٽم تي جاري ڪيو ويندو، ملڪ جي سمورن وڏن رستن ۽ شهرن ۾ داخل ٿيڻ واري جاين تي ڊيجيٽل مانيٽرنگ سسٽم هنيو ويندو، ان قدم سان اسمگلنگ ۽ سيلز ٽيڪس چوري جو خاتمو ٿيندو ۽ عام شهرين جي رڪجڻ جي وقت مان ڇوٽڪارو ۽ وقت جي بچت ٿيندي، ڄاڻايل نظام سان معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ممڪن ٿيندي ۽ اوڳاڙين ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بندرگاهن ۽ هوائي اڏن تي درآمدات ۽ برآمدات جي ڊيجيٽل ۽ خودڪار نگراني جي لاءِ ڪسٽم ٽارگيٽنگ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، ان نظام کي مقامي ۽ عالمي ڊيٽا بيس سان ڳنڍيو ويندو ۽ مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ۽ لاڳاپيل ادارن جي افرادي قوت کي نئين نظام سان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ انهن جي تربيت جو موثر نظام پڻ ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان نظآم کي ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ڪ نهن هڪ وڏي شهر مان ان جي پائليٽ پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويندي ۽ بعد ۾ ان کي سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس کي سيمنٽ، هيچريز، پولٽري فيڊ، تماڪ ۽ مشروبات جي شعبي ۾ سيلز ٽيڪس جي نگراني جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته کنڊ جي صنعت تي لاڳو ڪيل نگراني جي نظام وانگر تماڪ، مشروبات، اسٽيل ۽ سيمنٽ جي شعبن ۾ پيداوار جي نگراني جي لاءِ ايف بي آر ۽ معاون ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم سمورن قدمن کي جلد، موثر ۽ پائيدار طريقي سان لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.