اسٽراسبرگ_20 مئي(اي پي پي) انگلينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار ايماراڊو ڪانو ڊبليو ٽي اي اسٽراسبرگ انٽر نيشنل ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي وئي آهي. 22 ورهين جي برطانوي ٽينس اسٽار وومينز سنگلز جي شروعاتي رائونڊ ۾ آسٽريلوي حريف رانديگرياڻي ڊرايا ياسر جيوينا ڪساتڪينا کي شڪست ڏني. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ وومينز ايونٽ جا دلچسپ مقابلا فرانس جي شهر اسٽراسبرگ ۾ جاري آهن.