اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عالمي اداري واري وزير ليوجيان چائو سان بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري تي زور ڏنو. پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ چين جي حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي دفاع جي حق ۽ صلاحيت جي تصديق ڪندي پرامن پاڙيسريت جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سنڌ طاس معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني فيصلي جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ لازمي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ مٽاسٽا کي آسان بڻائڻ ۾ آءِ ڊي سي پي سي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 74هين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوستي جي منفرد نوعيت کي اجاگر ڪيو ۽ ان کي ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسل تائين پهچائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.