اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ 9 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ 2 بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر لانس نائيڪ صابر آفريدي ۽ سپاهي فرهاد علي طوري جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم جي بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.