ڪراچي – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا، دشمن ٻيهر جارحيت ڪئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪ نيوي خطي ۾ طاقت جو توازن بدلائي ڇڏيو، دفاعي محاذ وانگر معاشي ميدان ۾ به ڪاميابيون ماڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيوي ڊاڪ يارڊ جي دوري دوران پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو، پاڪستان نيوي جي بهادر آفيسرن ۽ قوم جي عظيم فرزندن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن جنگ ۾ پوري پاڪستاني قوم شيهي جي ديوار وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل هئي ۽ بيٺل آهي، زميني، فضائي ۽ سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ساٿ هو، آهي ۽ رهندو، ان جي ڪري الله تعاليٰ پاڪستان کي اها عزت بخشي جيڪا سدائين سنهري لفظن ۾ لکي ويندي. جهڙي طريقي سان زميني فوج الفتح ميزائيلن جي ذريعي ۽ ٻين فوجي هٿيارن جي ذريعي دشمن جي ٺڪاڻن کي نشانا لڳايا، اهڙي طرح اسان جي فضائي فوج دشمن جي ٺڪاڻن تي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي انهن کي اهو سبق سيکاريو جيڪو قيامت تائين دشمن ياد رکندو، اهڙي طريقي سان اسان جي سامونڊي فوج جي به تياري اهڙي هئي جهڙي طرح زميني ۽ فضائي فوج جي هئي. هن چيو ته 1965ع ۾ توهان دشمن کي سبق سيکاريو هو، هن ڀيري به توهان تيار هئا پر دشمن کي اسان جي سامونڊي فوج جي تياري ڏسي همت نه ٿي. جهڙي طرح زميني ۽ فضائي فوج جي هٿان انهن کي مار پئي، شايد اهي وڌيڪ مار کائڻ جي لاءِ ۽ وڌيڪ رسوا ٿيڻ جي لاءِ تيار نه هئا، الحمدالله ڪراچي پورٽ، پورٽ قاسم ۽ ڪراچي شهر ۽ سموري سامونڊي واپار جي اچ وڃ جو ڪير ڪجهه نه بگاڙي سگهيو، اهو تاريخ جو هڪ فخر جوڳو واقعو آهي جنهن پاڪستان کي اڳ ۾ به ۽ اڳتي جي لاءِ به فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته آئون ان موقعي تي پي اين ايس مهراڻ جي شهيد ليفٽيننٽ ياسر کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمن آڏو سينو تاڻي پنهنجي جان جي قرباني ڏني پر پاڪستان جي وقار ۽ سامونڊي اثاثن جي مٿان آنچ اچڻ نه ڏني، اهي سمورا غازي ۽ شهيد اسان جي پوري قوم جو سرمايو آهن. اسان توهان کي، غازين کي، شهيدن کي ۽ انهن جي خاندانن کي عقيدت جو سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي تازي ناڪام مهم جوئي ۾ دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسي ورتو ته اسان جي بحريه مڪمل طور تي تيار هئي، سامونڊي هٿيار مقرر پوزيشن تي هنيا ويا هئا ۽ اسان جي بحريه هڪ ڀيرو ٻيهر دوارڪا جي ياد تازي ڪرڻ جي لاءِ تيار هئي، ڀارت جي فخريه ايئرڪرافٽ بيريئر وڪرانت 400 ناٽيڪل ميل کان ويجهو اچڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو، اهو به بي مثال دفاعي حڪمت عملي ۽ توهان جي اڻٿڪ عزم جو زندهه مثال آهي، پوري قوم کي يقين هو ته جيڪڏهن ڀارت ڪنهن به سطح تي سامونڊي جارحيت جي غلطي ڪئي ته ان کي توهان پنهنجي فوري ۽ موثر ڪارروائي سان ان کي سدائين جي لاءِ سبق سيکاريندا ۽ هو ٻيهر پاڪستان طرف بري نيت سان ڏسي نه سگهندو. وزيراعظم چيو ته توهان جي اها ڪاميابي پاڪ فوج جي ٺوس حڪمت عملي ۽ خاص طور تي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير جي بهترين ڪوآرڊينيشن جي ڪري آهي جنهن پوري قوم جي عزم ۽ حوصلي کي نئين توانائي بخشي، منهنجا قوم جا عظيم غازيو، بهادر پاڪ فوج جي انهن ڪاميابين تي اسان سڀ الله تعاليٰ جي آڏو عاجزي ۽ شڪر ادا ڪريون ٿا ۽ سدائين ڪندا رهنداسين، اهم ڳالهه اها آهي ته ان امتحان دوران اسان جون بندرگاهون مڪمل طور تي فعال رهيون، ڪراچي ۽ بن قاسم تي واپاري جهاز بنا رڪاوٽ ايندا ويندا رهيا جڏهن ته ڀارت جي اولهندي سمنڊ تي واپاري سرگرميون ختم ٿي ويون، ڀارتي نيوي جنهن جو انگ اسان کان پنجوڻ تي وڏو آهي، هن پوري صورتحال ۾ مڪمل طور تي مفلوج ڏسڻ ۾ آيو، رافيل جهازن جو حشر ڏسي انهن جو نام نهاد وڪرانت جنگ جي ميدان مان ائين ڀڳو جو واپس ٿيڻ جو نالو تائين نه ورتائين، يعني اسان جي شارڪس ڀارتي وهيل کي ماري ڀڄايو. هن چيو ته جهڙي طرح پاڪستان نيوي گذريل 15 سالن ۾ غيرمعمولي ترقي ڪئي آهي ان تي توهان سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف ۽ سندس پوري ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ عالمي حصيداري سان پاڪستان نيوي جي ڪارڪردگي ۾ بي پناهه اضافو ڪيو، اڄ اسان جو دشمن پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته پاڪستان نيوي خليج فارس، بحيره عرب ۽ بحيره احمر ۾ طاقت جو توازن بدلائي ڇڏيو آهي ۽ اها توهان پوري قوم جي فتح آهي. هن چيو ته اسان هڪ امن پسند قوم آهيون ۽ پنهنجي سمورن حل طلب مسئلن جو پرامن حل چاهيون ٿا پر جيڪڏهن اسان تي جنگ مڙهي وئي ته دشمن اسان کي سدائين تيار ڏسندو، اسان جارحاڻا ارادا نه ٿا رکون، پر اسان پنهنجي وطن جي هڪ هڪ انچ جو تحفظ ڪرڻ تمام چڱي طرح ڄاڻون ٿا، پوري قوم پاران آئون پنهنجي بهادر فوج ۽ سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير بابر ۽ نيول چيف نويد اشرف ۽ آفيسرن ۽ جوانن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن پاڪستان جي زميني، فضائي ۽ سامونڊي سرحدن ۽ بندرگاهن جي حفاظت ڪئي ۽ دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. هن چيو ته سمورن ڀائر ۽ دوست ملڪن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن اسان جو هن مشڪل وقت ۾ نه رڳو ڀرپور ساٿ ڏنو پر اسان جو حوصلو وڌايو ۽ پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪئي. جيڪڏهن پاڪستان پهلگام جي افسوسناڪ واقعي جي عالمي سطح تي شفاف جاچ ڪرائڻ چاهي ٿو ته ڀارت کي ان ۾ ڪهڙو اعتراض آهي، آئون پنهنجي انتهائي شفيق ڀاءُ ترڪ صدر طيب اردوان، انتهائي بهترين ڀاءُ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، يو اي اي جي صدر محمد بن زيد ۽ قطر جي امير، آذربائيجان جي صدر، پنهنجي پراڻي دوست چين جا هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته چين اسان جو اهو پائيدار دوست آهي جنهن هر بري وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، اسان جي 77 سالن جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي. چين اڄ به پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ سڀاڻي به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته آئون آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪريان ٿو هن جنگ جي اها ٻرندڙ باهه وسائي. هن وقت تي ئي محسوس ڪري ورتو ڇو ته ٻئي نيوڪليئر ملڪ آهن، صدر ٽرمپ امن پسند شخصيت آهي ۽ امن جي خاطر هن ۽ سندس ٽيم سچي دل سان ان تي ڪم ڪيو ۽ جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن حقيقت ۾ هڪ سٺي خيرخواهه دوست جو ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته آئون ڪشمير جي حوالي سان پڻ پنهنجو مخلصاڻو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته هي اها داستان آهي جنهن الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان توهان جي بهادري جي ڪري دنيا ۾ اعليٰ مقام تي ٻيهر بيهاري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.