اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) وزيراعظم جي ڊيجيٽل پاڪستان ويزن تحت اي پروڪيورمنٽ سسٽم ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي 10000 کان وڌيڪ پيشيواراڻي ماڻهن کي تربيت ڏئي هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. اها ڳالهه پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ ڪانٽريڪٽ مئنيجمينٽ تي جامع تربيتي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌائي. ان تربيتي پروگرام جي شروعات پيپرا ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي پروفيشنل ڊيولپمينٽ سينٽر جي حصيداري سان ڪئي وئي آهي، ٻي بيچ ۾ چئن مهينن تي ٻڌل ان تربيتي پروگرام ۾ 70 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل آهن جن ۾ سرڪاري آفيسر، نجي شعبي جا ماهر، سپلائرز، ڪاروباري اداري جا اهلڪار ۽ ترقياتي ماهر شامل آهن. ڊپلوما پروگرام ۾ مختلف ماڊيولز شامل آهن جن ۾ موثر ۽ شفاف پبلڪ پروڪيورمنٽ جي بنيادي اصول، قانوني ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ، پروڪيورمنٽ جي صلاحيت ۾ اضافي، اسٽريٽجڪ چونڊ جو فريم ورڪ، منصفاڻي چونڊ، انصاف تائين پهچ، ڪانٽريڪٽ مئنيجمينٽ، عالمي معيارن، عالمي ڊونر فنڊڊ پروڪيورمنٽ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ اي پيڊز جو جائزو شامل آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڊي پيپرا، حسنات قريشي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب سرڪاري ادارن ۾ پروڪيورمنٽ سيلز قائم ڪيا ويا آهن جتي مقرر آفيسرن کي اي پيڊ ۽ پيپرا جي قاعدن ۽ ضابطن بابت جامع تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجون ذميواريون اهليت ۽ شفافيت جي اصولن تحت سرانجام ڏئي سگهن. هن چيو ته پيپرا ملڪ گير تربيتي پروگرام کي وسعت ڏني آهي ته جيئن پبلڪ پروڪيورمنٽ جي هر مرحلي تي ماهر پيشيور ماڻهو تيار ڪري سگهجن. ايم ڊي پيپرا پبلڪ سيڪٽر ادارن سميت سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي ته اهي تربيتي پروگرام ۾ ڀرپور شموليت اختيار ڪن ته جيئن قانوني، اخلاقي ۽ عالمي معيار موجب سرڪاري خريداري جي منصوبابندي، عملدرآمد ۽ انتظام جون مهارتون حاصل ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته پيپرا ڪاميابي سان اي پروڪيورمنٽ پليٽ فارم متعارف ڪرايو آهي، جيڪو اي گورننس جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ جنهن سان حڪومتي خرچن ۾ 10 کان 25 سيڪڙو تائين بچت ممڪن ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اهو نظام شفافيت، لاڳت ۾ گهٽتائي، مقابلي بازي، وقت جي بچت، ڪاروبار ۾ آساني ۽ ڪاربن فٽ پرنٽ ۾ گهٽتائي کي فروغ ڏي ٿو. حسنات قريشي موجب هيستائين 28000 کان وڌيڪ سپلائرز جن ۾ 400 غيرملڪي ڪمپنيون به شامل آهن، اي پروڪيورمنٽ پليٽ فارم تي رجسٽرڊ ٿي چڪيون آهن. ان کانسواءِ اٽڪل 700 وفاقي، 5000 پنجاب ۽ 200 سنڌ جا پبلڪ پروڪيورمنٽ ادارا ان نظام مان فائدو کڻي رهيا اهن. ان موقعي تي پيپرا جا سينيئر آفيسر، ايف بي آر جا سينيئر اهلڪار ۽ سرڪاري خريداري جا ماهر علي رضا هنجر ۽ پي ڊي سي نسٽ جو جنرل مئنيجر محمد علي پڻ موجود هئا.