اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان گولڊن ٽيمل کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جي ڀارتي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سک مذهب جي ڪيترين ئي مقدس جاين جو قابل فخر محافظ آهي، پاڪستان هر سال سڄي دنيا مان هزارين سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو. ڀارتي فوج جي هڪ سينيئر آفيسر جي انهن ريمارڪس جي حوالي سان ته پاڪستان 7 ۽ 8 مئي جي وچ واري رات ڊرون ۽ ميزائيلن جي ذريعي گولڊن ٽيمپ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ترجمان چيو ته حقيقت ۾ اهو ڀارت ئي هو جنهن 5 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان ۾ مختلف عبادتگاهن کي نشانو بڻايو، ڀارت پاران هنيل الزام ان ناقابل قبول فعل تان ڌيان نه ٿا هٽائي سگهن. ترجمان چيو ته گولڊن ٽيمپ سک عقيدي جي سڀ کان وڌيڪ احترام جوڳي جڳهه آهي. هن چيو ته پاڪستان سک مذهب جي ڪيترين ئي مقدس جاين جو قابل فخر محافظ آهي، پاڪستان هر سال سڄي دنيا مان هزارين سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو، پاڪستان ڪرتارپور ڪوريڊور جي ذريعي گورڌواره صاحب ڪرتارپور تائين ويزا فري پهچ پڻ فراهم ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ان ڏس منظر ۾ گولڊن ٽيمپل کي نشانو بڻائن جي پاڪستان جي ڪوشش بابت ڪا به دعويٰ بلڪل بي بنياد ۽ غلط آهي.