اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه صوبي ۾ مختلف ڪاررواين دوران ڀارتي سرپرستي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ شر ڦهلائيندڙ فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لڪي مروت ۾ 5، بنون ۾ 2 ۽ مير علي اتر وزيرستان ۾ 2 ڀارتي حمايت يافته خارجين کي جهنم ڀِيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم اتر وزيرستان ۾ خارجين جي خلاف موثر ڪارروائي ڪندي ملڪ جي خاطر شهادت ماڻيندڙ سپاهي فرهاد علي طوري ۽ لانس نائيڪ صابر آفريدي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي حفاظت جي پختي عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن ۽ خطي ۾ موجود انهن جي سرپرستن جي پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کي ائين خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين.