سيالڪوٽ-17 مئي (اي پي پي) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ تمام سٺا سٺا لمحا ۽ موقعا آيا پر هاڻوڪي فتح جيڪا الله تعاليٰ پاڪستان ۽ پاڪ فوج کي عطا ڪئي آهي ان جو مثال اسان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي، اسان جو ازلي ۽ ابدي دشمن هتان ڪجهه ميلن جي مفاصلي اوڀرندي سرحد جي ٻي پار ويهي پنهنجا زخم چٽي رهيو آهي، انشاءُ الله تعاليٰ تمام جلد اولهندي سرحد تي به اسان جي فوج اهڙي طرح پنهنجا زخم چٽيندا رهندا. اهڙو اظهار هن پنهنجي رهائشگاهه تي پاڪ فوج طرفان ڀارت جي مداخلت جو جواب ڏيڻ ۽ ڪامياب آپريشن بنيان مرصوص تي مبارڪون ڏيڻ لاءِ آيل اسٽينڊرڊ گروپ آف ڪاليجز اينڊ ڪڊز ڪلب گرائمر اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان کي هاڻي مودي کي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي ڇاڪاڻ ته ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جيڪو ڪجهه چيو پيو وڃي اهو اسان به نٿا چئي سگهون. هن چيو ته هي حق جي ويڙهه اسان جي قومي وحدت ۽ اتحاد جو سبب بڻيو آهي ڇاڪاڻ ته اڄ کان 15، 20 ڏينهن اڳ اسان جي قومي وحدت ۽ اتحاد ۾ ڏارون نظر اچي رهيون هيون پر الحمد الله اڄ قوم متحد آهي ۽ ان جي سڃاڻپ اسان جي پاڪ فوج جي بهادري بڻجي وئي آهي جنهن تي مان پنهنجي فوج کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته مان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، نيول چيف نويد اشرف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين ساحر شمشاد کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو ته انهن جي جوان ٻار ۽ ٻاڙريون جنهن جرئت ۽ بهادري سان وڙهيا ان ۾ انهن جي قيادت جو تمام وڏو هٿ آهي، اوهان جي قيادت ئي هئي جنهن انهن جوانن جي حوصلن ۾ برڪت وڌي، اوهان جي حوصلن جرئت ۽ بهادري جو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان، مان پنهنجي سڄي عمر ۾ 1965ع کان اڄ تائين سمورن تڪرارن جو تمام ويجهي کان مشاهدو ڪيو، پر جهڙي طرح اسان جي قيادت هن وقت ايمان جي جذبي سان سرشار هئي ان جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هر لمحي ۽ هر موقعي تي پنهنجي قوم جي قيادت ڪئي ۽ بهادر فوج کي باور ڪرايو ته سويلين حڪومت دل ۽ جان سان اوهان سان گڏ آهي ۽ اوهان جي قربانين جو اعتراف ڪري ٿي. ملڪ ۽ ملت جي دفاع لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اهو باور ڪرايو ته اسان کي جنهن حد تائين وڃڻو پيو الله تعاليٰ جي فضل سان سويلين حڪومت پنهنجي 25 ڪروڙ عوام سان گڏ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته جيڪي قومون پنهنجي تاريخ وساري ويهن ٿيون ته پوءِ تاريخ به کين وساري ڇڏي ٿي. هن هتي موجود استادن کي مخاطب ٿي چيو ته موجوده ۽ ايندڙ نئين نسل کي پنهنجي تاريخ سان روشناس ڪرايو ۽ کين ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي ۾ برصغير پاڪ ۽ هند جي مسلمانن ڪهڙي طرح لبيڪ چيو ۽ هڪ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو، جڏهن کان اسان آزادي حاصل ڪئي آهي تڏهن کان ئي اسان جو ازلي ۽ ابدي دشمن ڀارت اسان سان وير رکيو پيو اچي ۽ پوءِ 10 مئي جي رات هڪ فيصلائتو موڙ آيو ۽ اسان فيصلائتو باب لکيو، جنهن کي اسان جي هٿياربند بهادر فوج پنهنجي قربانين ۽ جرئت ۽ بهادري سان لکيو جنهن تي اسان پنهنجي بهادر فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سڀني کي خوش رکي ۽ اسان جي نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين کي محفوظ مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان ۾ زندگي گذارڻ جو موقعو ملي.