لاهور-17 مئي (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دنيا ۾ امن جي قيام، سماجي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم کي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هو لاهور ۾ سيرت سينٽر جي دوري جي موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. احسن اقبال چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سڄي زندگي انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي ۽ ان جي سيرت تي عمل ڪري موجوده دور جي چئلينجن کي اڪلائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي صلي الله عليه وسلم جي روشني ۾ تحقيق ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ 9 سيرت چيئرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن چيئرز جو مقصد ليڊرشپ، گورننس، انساني حقن، سماجي انصاف، فلاح ۽ بهبود، واپار، تعليم، عورتن جي حقن، عالمي امن، بين المذاهب هم آهنگي پائيدار ترقي ۽ ماحولياتي مسئلن جهڙن اهم شعبن ۾ قرآن ۽ سنت جي رهنمائي حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته انهن چيئرز تحت تحقيق ذريعي نوجوان نسل کي سيرت النبي صلي الله عليه وسلم سان جوڙڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سيرت سينٽر لاهور جي عمارت جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف شعبن جو جائزو ورتو. هن اعلان ڪيو ته ان سيرت چيئرز لاءِ ملڪ جي بهترين 9 اسڪالرن کي دعوت ڏني ويندي ته جيئن اهي موجوده دور جي مسئلن جو اسلامي روشني ۾ حل پيش ڪن.