اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنئير امير مقام چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي اڪيلي ايجنڊا ڪشمير آهي، هن ڀارت تي زور ڀريو ته ڀارت خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين ۾ شامل ٿئي ڇاڪاڻ ته ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تائين خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. وفاقي وزير پنهنجي انٽرويو ۾ زور ڀريو ته ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي قراردادن ذريعي حل ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان مسئلي جي حل کانسواءِ خطي ۾ امن ۽ ترقي ممڪن ناهي. ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ عالمي شموليت جي اهميت کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي خود اراديت واري حق کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق جي حمايت لاءِ پرعزم آهي، انجنيئر امير مقام ڪشمير تڪرار تي ٽياڪڙي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي رضامندي کي پڻ ساراهيو، هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڀريو. هن ڪشميرين لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان آخري ساهه تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن حقن لاءِ وڙهندو رهندو، امير مقام ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان معاشي ۽ جسماني قربانيون ڏنيون آهن، ڪشمير تڪرار جو حل اسان جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ مضبوط رشتي کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته اتحاد ۽ اجتماعي عزم جو مظاهرو ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت جي ابتڙ جتي قوم ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽيون واضح آهن، پاڪستان پنهنجي هٿياربند فوج سان متحد آهي جيڪو هڪ مضبوط جذبي ۽ پنهنجي فوج جي حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي اڳرائي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج متحد آهن، لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن جو عوام پاڪ فوج جي حمايت ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير هٿياربند فوج جي قربانين کي ساراهيندي کين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيدن جي ڪٽنبن جي پختي جذبي کي به ساراهيو.