اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ اسان جي بهادر فوج انتهائي پيشيوراڻي مهارت ۽ ڀرپور عزم سان ملڪ جو دفاع ڪيو ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي پارليامينٽ به نهايت مثبت ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙو اظهار مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر ۽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن راءِ ونڊ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي لاءِ هر قسم جي سياسي ويڇن کي وساري هڪ آواز ۾ ڳالهائڻ سٺو سنئوڻ آهي. عوام جي نمائندن 24 ڪروڙ عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندي پنهنجي بهادر فوج جو حوصلو وڌايو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هن فتح تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو جنهن اسان کي هن امتحان ۾ سرخرو ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم پاڪستاني ميڊيا کي به خراج تحسين پيش ڪيو جنهن سچ تي ٻڌل بياني کي دنيا آڏو رکيو ۽ دشمن جي ڪوڙ کي پوري قوت سان بي نقاب ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي مسلم ليگ (ن) جي صدر کي پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي.