اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪي روانگي واپار ۾ واڌ ۽ سائنس جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ واپار واري وزارت وچ ۾ ويجهو تعاون ضروري آهي. ان حوالي سان سرجيڪل اوزار ۽ ٻين شين جي روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ ليبارٽري سهولتن کي جديد ۽ عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪيو ويندو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ويزن موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ واپار واري وزارت جو ميلاپ ملڪي ترقي لاءِ اڻٽر آهي، ٻئي وزارتون گڏيل تجويزن تي ڪم شروع ڪنديون ته جيئن روانگي واپار ۾ خاطر خواه واڌ ممڪن ٿي سگهي. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان به ان حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي سيڪريٽري ساجد بلوچ چيو ته جديد تحقيق ۽ معيار جاچ ذريعي پاڪستان جي روانگي واپار کي عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي وارو بڻائي سگهجي ٿو. ٻنهي وزيرن ملڪي ترقي ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي عزم کي به ورجايو.