اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت چيو آهي ته مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي بابت مملڪتي وزير کيئنل داس ڪوهستاني ۽ پنجاب جي اقليتي معاملن وارو وزير رميش سنگهه اورڙه عالمي ڪيٿولڪ برادري جي نئين چونڊيل روحاني پيشيوا پوپ ليو جي حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. وزارت جي ترجمان محمد عمر بٽ طرفان جاري تفصيلن موجب ٻئي وزير اڄ 18 مئي تي ويٽي ڪن سٽي ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندا. سندن دورو بين المذاهب هم آهنگي جي احترام لاءِ پاڪستان جي عزم جي نشاهدي ڪري ٿو. پوپ ليو رومن ڪيٿولڪ چرچ جو 267 هون سربراهه بڻجندو، هو سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ ڪيٿولڪ جي قيادت سنڀاليندو.