اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هائي بلڊ پريشر جي مرض کان آگاهي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد هائي بلڊ پريشر جا سبب، علامتون، علاج، پرهيز ۽ ان جي تدارڪ بابت عوامي شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ ساليانو هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو هائي بلڊ پريشر جي مرض سبب زندگي جي جنگ هارائين ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف ملڪ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هائي بلڊ پريشر جي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ ان مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. واضح رهي ته 2005ع کان سڄي دنيا ۾ 17 مئي تي هائپرٽينشن يعني هائي بلڊ پريشر جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. جنهن جو مقصد بيماري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ ۽ ان خلاف حفاظتي قدمن کي هٿي ڏيڻ آهي، بلند فشار رت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ صحت کاتي ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرامز ۾ هائي بلڊ پريشر جا سبب ۽ ان جي علاج ۽ پرهيز بابت عام ماڻهن کي ڄاڻ فراهم ڪئي وئي.