اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي انتطاميه ۽ عملي سيڪيورٽي فورسز جي ملڪ جي دفاع واري عزم ۽ بهادري تي سلام پيش ڪيو آهي. پي آءِ اي عملدارن آفيشل سوشل ميڊيا پيجز تي پاڪستاني فوج جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪندي وڊيو ڪلپ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج خاص ڪري هوائي فوج جي قابل تحسين ڪاميابي جو جشن ملهايو. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي بهادر محافظن جي بي مثال حوصلي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي اسان جي قوم جي طاقت، اتحاد ۽ استقامت جو روشن دليل آهي، يوم فتح جي سلسلي ۾ ملهائجندڙ جشن جي پوسٽ کي پاڪ فورسز زنده آباد، پي آءِ اي تي فخر، گڏجي بلند ٿيڻ جي هيش ٽيگز سان شيئر ڪيو ويو آهي.