اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان شام تان پابنديون هٽائڻ جي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي بحالي طرف هڪ اهم قدم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان مسلسل تعميري مشغوليت ۽ ڳالهه ٻولهه جي وڪالت ڪئي آهي، اميد آهي ته پابندين ۾ نرمي سان اقتصادي ترقي ۾ سهولت ٿيندي، ضروري خدمتن تائين پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ شام جي عملدارن کي نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان سمورن ملڪن خاص طور تي آمريڪا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي عزم کي ساراهيون ٿا جيڪي هڪ پرامن شام جي لاءِ تعميري طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان شام جي قيادت هيٺ قرارداد جي حمايت ڪري ٿو ۽ هو شام جي اتحاد، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ۾ ثابت قدم آهي.