اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته نفرت، ويڇي ۽ فساد کي هٿي وٺرائڻ جي هر قسم جي قدمن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي، قومي يڪجهتي جي نتيجي ۾ اسان دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو آهي جو هو مسقبل ۾ وري اهڙي جرئت نه ڪندو. مقامي هوٽل ۾ علماءُ مشائخ ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي موثر انداز ۾ جواب ڏئي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. مان ان وقت سعودي عرب ۾ هيس، سعودي عرب جي عوام سميت پوري دنيا جي ماڻهن اسان کي بي مثال ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. قومي يڪجهتي جي نتيجي ۾ ئي اسان دشمن جو ان طريقي سان مقابلو ڪيو آهي جو دشمن مستقبل ۾ ٻيهر پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪندو. هن چيو ته ان ڪاميابي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف،ا ايئر چيف ۽ نيول چيف کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ سمورن شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته علماءُ مشائخ ڪائونسل کي آئيني ۽ قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ جلد ئي بل آڻڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ عالم سڳورن جي راءِ گهربل آهي. اسان چاهيون ٿا ته علماءُ مشائخ ڪائونسل جي دائري کي وسيع ۽ اثرائتو بڻايو وڃي. هن يقين ڏياريو ته علماءُ مشائخ ڪائونسل جي قيام لاءِ حڪومت عملي طور تي قدم کڻندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته قرآن ڪريم کي ترجمي سان پڙهڻ لازمي قرار ڏيڻ، قرآن ڪريم جو تصديق ٿيل ڊجيٽل نسخو دستياب بڻائڻ، علماءُ مشائخ ڪائونسل جي اداري جي ڪردار کي فعال ۽ جامع بڻائڻ اهم ترين ايجنڊا آهي. سردار محمد يوسف چيو ته اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جي دين جي بنيادي عقيدت ۽ وحدانيت کي نقصان نه پهچي سگهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ سان گڏوگڏ سمورن مذهبن جي پيروڪارن لاءِ امن ۽ خوشحالي جي جاءِ بڻائينداسين.