اسلام آباد-15 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام ۽ صنعتڪار سٺيون خبرون ٻڌندا، بجيٽ ۾ پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي سان گڏ وياج جي شرح گهٽ ٿيندي. صحافين سان ڳالهائيندي هارون اختر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جون معاشي سرگرميون نواز شريف جي ويزن جي عڪاسي ڪن ٿيون. هو معاشي ترقي جي شرح کي 7 سيڪڙو تائين پهچائڻ چاهي ٿو ۽ ان شرح کي 10 سالن لاءِ مستحڪم رکڻ جو خواهشمند آهي. خاص مددگار هارون اختر چيو ته وزيراعظم روانگي واپار ۾ اضافي کي معاشي ترقي لاءِ لائيف لائين قرار ڏيندو آهي ۽ معاشي معاملن تي ڀرپور ڌيان ڏيندو آهي، هارون اختر وزيراعظم جي حڪمت عملي جي حوالي سان چيو ته معاشي ڏکيائين لاءِ ڌار ڌار ڪميٽيون ٺاهي مسئلا حل ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم معاشي مسئلن جي حل جو ٽاسڪ ڏيڻ کانپوءِ ا ن جي باري ۾ پڇاڳاڇا ڪندوآهي، هن چيو ته وزيراعظم سيڙپڪارن کي تحفظ ڏيڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان کي خطي ۾ سيڙپڪاري جي جنت بڻائڻ چاهي ٿو، ملڪ ۾ ڪاروبار هلندو ته ترقي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته حڪومت صنعتن کي رليف ڏيڻ لاءِ بجيٽ جو انتظار نه ڪيو، بجيٽ کان اڳ ئي صنعتن جي بجلي جا اگهه گهٽايا ۽ بنيادي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي. هارون اختر چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جو رليف عوام کي منتقل ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جنگي حالتن ۾ پڻ معاشي معاملن تي ڪميٽين جي اجلاس جي سربراهي ڪئي ۽ ايندڙ مالي سال جو بجيٽ وزيراعظم جي معاشي ويزن جي عملي شڪل هوندو.