اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ۽ هواوي ٽيڪنالاجيز پاڪستان (پرائيويٽ) لميٽيڊ وچ ۾ 3 لک پاڪستاني نوجوانن جي انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي تربيت جي فراهميءَ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيح ڪئي آهي. گذريل ڏينهن صحيح واري تقريب جي موقعي تي وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي خاص مهمان هو. پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي طرف هڪ اهم قدم طور هواوي ٽيڪنالاجيز فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) جي شاگردن کي تربيت ڏيڻ لاءِ تعليم واري وزارت تربيت کان مفاهمت جي هڪ يادداشت (ايم او ي) تي صحيح ڪئي آهي. اهو قدم 3 لک پاڪستاني نوجوانن کي جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي مهارتن جي تربيت لاءِ هواوي جي مهتوا ڪانڪشي منصوبي جي پهرئين مرحلي جي نشاندهي ڪري ٿو. ايم او يو تي باضابطه طور تي تعليم واري سيڪريٽري نديم محبوب ۽ هواوي جي مئنيجر ڊولپمينٽ احمد عزيز صحيحون ڪيون، جتي ٻنهي ڌُرين دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. تعليم واري سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اها ڀائيواري پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪندي، جڏهن ته احمد عزيز عالمي سطح تي مڃيل سرٽيفڪيشنز ذريعي ڊجيٽل مهارت جي فرق کي ڀَرڻ لاءِ هواوي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٽين ڌُر جي توثيق سان تربيت جي معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ هي پروگرام نوجوانن کي بااختيار بنائڻ ۽ پاڪستان کي آءِ ٽي ٽيلنٽ جي مرڪز طور تي بيهارڻ لاءِ تيار آهي. ايم او يو جي نتيجي ۾ سال جي پڄاڻيءَ تائين 3 لک نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته 60 هزار ٽريني هاءِ ٽيڪ ٽريننگ (اي آءِ، ڪلاڊ ڪمپيوٽنگ، سائبر سيڪيورٽي، بڙا ڊيٽا) حاصل ڪندا. ان پروگرام ۾ جون 25ع کان شروع ٿيندڙ سمر ڪيمپس شامل هوندا، جن ۾ ابتدائي طور تي 50 هزار شاگردن کي هدف بنايو ويندو جنهن ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي تي توجهه ڏني ويندي. هواوي تربيت ۽ سرٽيفڪيشن جي حمايت ڪندو جڏهن ته تعليم واري وزارت سهولتون ۽ ٽرينرز فراهم ڪندي. هي تعاون پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل لاءِ هواوي جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو 15 يونيورسٽين سان پنهنجي موجوده ڀائيواريءَ کي اڳتي وڌائي رهيو آهي جيڪو پهرين ئي 20 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي تربيت ڏئي چڪو آهي.