اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جي قيادت ۽ ڀرپور سفارتي ڪوششن جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ تازو بحران گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي، اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ڳالهه ٻولهه دوران ان جي قيادت ۽ ڀرپور سفارتي ڪوششن جي لاءِ سندس ٿورا مڃيا جنهن ڏکڻ ايشيا ۾ تازي بحران کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو ته پاڪستان علائقائي امن جي وسيع تر مفاد ۾ جنگبندي مفاهمت جي احترام ڪرڻ جو پابند آهي. هن چيو ته دنيا ٻاهرئين فوجي جارحيت آڏو گذريل ٻن هفتن دوران پاڪستان جي ذميواراڻي قدمن کي ڏٺو آهي، اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي هرگز اجازت نه ڏينداسين.