اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بنائي ملڪ جي، جي ڊي پي کي نمايان طور تي وڌائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ترقي پسند معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون، وزيراعظم يوٿ پروگرام ذريعي اسان صرف فنڊ فراهم ڪرڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان هڪ اهڙو ماحولياتي نظام بنائڻ جو ارادو رکون ٿا جنهن ذريعي عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ اڳيان وڌي سگهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب راولپنڊي وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ رانا مشهود احمد خان وچ ۾ وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ زرعي قرض اسڪيم تحت عورتن جي ملڪيتي ڪاروبار لاءِ نَوان رستا کولڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. يوٿ پروگرام جي چيئرمين وفد کي قرض اسڪيم تحت عورتن لاءِ مخصوص 25 سيڪڙو ڪوٽا ۽ راولپنڊي وومين چيمبر ۾ قرض سهولت مرڪز قائم ڪرڻ بابت ٻُڌايو. هي مرڪز ڪاروباري عورتن کي هڪ ڇت هيٺان سموريون سهولتون فراهم ڪندو جيڪو ان اسڪيم تحت قرض جي موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل مدد تائين رسائيءَ کي آسان بنائيندو. اجلاس ۾ نوجوان عورتن لاءِ باضابطه رهنمائي جا سيشنز ۽ صلاحيت سازي جي اختيارن سان گڏوگڏ راولپنڊي وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن ۽ خطي جي ٻين چيمبرز جي عورتن لاءِ سجاڳي ۽ ڪاروباري تربيتي سيشنز بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي اجلاس انٽر پرينيورشپ ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم هو ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ان عزم کي ظاهر ڪري ٿو ته اسان قومي ترقيءَ کي اڳتي وڌائيندي ڪنهن کي پويان نه ڇڏينداسين.