اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي ”اُڏار پاڪستان“ پروگرام تحت اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ويزن کي اڳتي وڌائيندي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) صوبائي حڪومت سان گڏجي سڄي ملڪ جي اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ ڊجيٽل نظام جي فراهمي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو ڇڏيو آهي. نادرا طرفان نيشنل رجسٽريشن اينڊ بائيو ميٽرڪ پاليسي فريم تحت سول رجسٽريشن ۽ زندگيءَ جي اهم واقعن جي داخلا جي نظام کي جديد رُخن تي آندو پيو وڃي. اسپتالن ۽ صحت مرڪزن ۾ فراهم ڪيل ڊجيٽل نظام ذريعي پيدائش ۽ وفات جهڙن اهم واقعن جي ڄاڻ سڌيءَ ريت حاصل ٿيندي، جنهن عيوض شهرين جي ڊيٽا بيس ۾ صحيح ۽ مڪمل ڄاڻ جي وقت سر داخلا ممڪن ٿيندي. اهي انگ انگر وفاقي حڪومت جي ”اُڏام پاڪستان“ پروگرام تحت ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي کي ڪتب آڻڻ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. ان ڊيٽا جي بنياد تي ڊجيٽل آءِ ڊي ۽ ڊجيٽل معيشت جي انقلابي منصوبن کي عملي جامو پهرايو ويندو. ان سان گڏوگڏ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان نادرا مختلف قومي ادارن جي سهڪار سان ”ڊجيٽل اڪانومي انهانسمينٽ پراجيڪٽ“ جي ڊجيٽل سُڃاڻپ ۽ ڊجيٽل سروسز جي فراهميءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي. سول رجسٽريشن جي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ نادرا وچ ۾ سهڪار جي معاهدن جو سلسلو جاري آهي جنهن تحت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جي اسپتالن ۽ صحت جي مرڪزن ۾ پيدائش ۽ وفات جي اطلاع جو ڊجيٽل نظام فراهم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رٿيل تقريب ۾ لوڪل گورنمينٽ، هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ جي صوبائي وزير سعيد غني به شرڪت ڪئي. معاهدي تي سنڌ حڪومت طرفان صحت ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽرين جڏهن ته نادرا طرفان ڊائريڪٽر جنرل نادرا ڪراچي صحيحون ڪيون. ان کان اڳ ڪوئيٽه ۾ به بلوچستان حڪومت ۽ نادرا وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿي چڪيون آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ٻين صوبن سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت سان معاهدن تي به صحيحون ڪيون وينديون.