اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس 15 مئي خميس ڏينهن ساڍي ٽين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سينيٽ اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مرحوم سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ سندس عملي، ديني ۽ سياسي خدمتن تي کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو. بعد ۾ ڊپٽي چيئرمين اجلاس خميس ڏينهن ساڍي ٽين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.