راولپنڊي-14 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)، پاڪستان سپرليگ 10 جي باقي 8 ميچن جي ٽڪيٽن بابت اهم تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهي ميچون 17 مئي کان 25 مئي تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون. پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق انهن ماڻهن جن گذريل ملتوي ٿيل ميچن لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا، هو هاڻي انهن ئي ٽڪٽن کي نئين تاريخن مطابق استعمال ڪري سگهن ٿا. ان ۾ 8 مئي تي پشاور زلمي ۽ ڪراچي ڪنگز، 9 مئي تي پشاور زلمي ۽ لاهور قلندرز ۽ 10 مئي تي اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جون ميچون شامل آهن. انهن جي متبادل ميچز ترتيبوار 17، 18 ۽ 19 مئي تي ٿينديون. ٽڪيٽن جي نئين خريداري لاءِ شوقين آن لائن يا نامزد ٽي سي ايس ايڪسپريس مرڪز تان ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. پي سي بي اهو به اعلان ڪيو آهي ته جن شوقينن 5 ۽ 10 مئي تي ملتان ۾ ٿيڻ واري ميچن ۽ راولپنڊي ۾ پهريان کان شيڊول ڪيل ڪواليفائر جي ٽڪيٽ خريد ڪئي هئي، اهي مڪمل رقم جي واپسي حاصل ڪري سگهن ٿا. آن لائن خريد ڪيل ٽڪيٽن جي رقم انهي اڪائونٽ ۾ واپس ڪئي ويندي جيڪو بڪنگ جي وقت استعمال ڪيو ويو هو، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽ رکڻ وارن ماڻهن کي پنهنجي ٽڪيٽ نامزد نجي ڪوريئر سروس جي مرڪز تي ذاتي طور تي واپس ڪرڻي پوندي. رقم جي واپسي جي عمل بابت تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.