حيدرآباد-14 مئي (اي پي پي) ايگزيڪيوٽو انجنيئر هالا ايريگيشن ڊويزن هالا جي هڪ نوٽيفڪيسن موجب پاڻي جي کوٽ جي ڪري هالا ڊويزن هالا ۾ وارا بندي جو پروگرام پڌرو ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب روهڙي مين ڪينال جي نڪرڊسٽري 16 مئي کان 24 مئي ۽ پهرين جون کان 9 جون تائين، جمالي مائينر، زير پير مائينر، برانڊي مائينر، ڪمبدارون مائينر، نيو شيخاڻي مائينر، لکيسر لنڪ چينل ۽ کيبراڻي مائينر ۾ 24 مئي کان پهرين جون تائين، ڪمبليمامائينر، گدالي مائينر، ملداسي مائينر، گانگو مائينر، سڪندر ڊسٽري، مٽياري مائينر، اڏيرولعل مائينر، سلطان پور مائينر ۾ 16 مئي کان 24 مئي ۽ پهرين جون کان 9 جون 2025 تائين پاڻي جي فراهمي بند رهندي. اهڙي ريت شهداد پور سب ڊويزن جي لنڊو ڊسٽري 22 مئي کان 30 مئي 2025تائين، سرهاڙي مائينر14 مئي کان 22 مئي تائين ۽ 30 مئي کان 7 جون تائين، اوڍياڻو ڊسٽري 14 مئي کان 22 مئي ۽ 30 مئي کان 7 جون تائين، واٽرڪورس علي بهر برانچ 22 مئي کان 30 مئي تائين، کٿيرو مائينر۾ 14 مئي کان 22 مئي ۽ 30 مئي کان 7 جون 2025 تائين پاڻي جي فراهمي بند رهندي. اهڙ ي طرح هالا ايريگيشن سب ڊويزن جي ترها ڊسٽري سسٽم 19 کان 27 مئي تائين، فتح پور ڊسٽري، سعيد آباد ڊسٽري 27 مئي کان 4 جون تائين، ڏيٿڪي ۽ منائي مائينر ۾19 کان 27 مئي تائين پاڻي جي فراهمي بند رهندي. ٽنڊو آدم سب ڊويزن جي شهداد پور ڊسٽري 21 کان 28 مئي، قبويگانو مائينر، ٻريڙا مائينر، ڀوڀر مائينر، 14 کان 21 مئي تائين، سنهري مائينر، مورياڻي مائينر، بدهارمائينر28 مئي کان 4 جون تائين، ٽنڊو آدم ٽو سب ڊويزن جي سٽياري مائينر، هرٻري مائينر، راڄپري مائينر، تيزي مائينر، مشاخ هوتي ڊسٽري، ٿاڻو مائينر، دسوري مائينر، بوڀر ڊسٽري 21 کان 28 مئي تائين جڏهن ته پير مائينر، گجرو مائينر، ميل مائينر، مشاخ هوتي ڊسٽري، آر ڊي 40 کان 60، ٿاڻو مائينر، دسوري مائينر، بهڀر ڊسٽري ۾ 27 کان 3 جون 2025 تائين پاڻي جي فراهمي بند رهندي. مسو سب ڊويزن جي ڄام ڊسٽري، پنو مائينر، 22 کان 7 جون تائين، واٽر ڪورس حيدرآباد برانچ 14 کان 22 مئي ۽ 30 جون کان 7 جون تائين، سعيد خان ڊسٽري، مسو مائينر، مياڻو مائينر، راهوڪي ڊسٽري 14 کان 22 مئي ۽ 30 مئي کان 7 جون تائين، جڏهن ته هوسڙي ڊسٽري 22 کان 30 مئي تائين ۽ واٽرڪورس حيدرآباد برانچ ۾ 22 کان 30 مئي 2025 تائين پاڻي جي فراهمي بند رهندي.