ماسڪو-14 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ماسڪو جي گرينڊ مسجد جي نائب مفتي روجحان آبيزوف سان ملاقات ڪئي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين روس ۾ مسلمان برادري جي رهنمائي ۽ مذهبي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ مفتي اعظم جي اهم ڪردار تي پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ موجوده عالمي چئلينجز، جهڙوڪ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ اسلاموفوبيا جي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اهي مسئلا عالمي سطح تي تڪرارن جو سبب بڻجي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته اسلام جو اصل پيغام محبت، امن، شفقت ۽ عالمي اخوت جو آهي. هن عالمي اتحاد جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ مذهبي عالم ۽ ادارا شامل ٿين ته جيئن اجتماعي دانش، بين المذاهب هم آهنگي ۽ جامع تعليم ذريعي ان بيانيي کي اثرائتو اجاگر ڪري سگهجي. هن روس جي مذهبي جدت پسندي ۽ نسلي منظرنامي ۾ رواداريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ گرينڊ مسجد جي قيادت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي بين المذاهب ڳالهه ٻولهه، جدت پسندي ۽ روحاني افهام و تفهيم لاءِ وابستگيءَ جو ورجاءُ ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻارن کي شروعاتي عمر ۾ ئي تعليم ۽ تبليغ ذريعي زندگيءَ جي اصل حقيقتن انسانيت، محبت، رواداريءَ کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن انتهاپسند نظرين ۽ ثقافتي اڻ واقفيت عالمي استحڪام کي خطري ۾ وِجهي رهي آهي، نوجوان نسل کي بهتر تعليم ۽ تربيت ۽ اعتدال ۽ اتحاد جي قدرن کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. ڊپٽي گرينڊ مفتي ٻُڌايو ته روس ۾ 25 لک مسلمان پُرامن زندگي گذاري رهيا آهن ۽ صدر پيوٽن پاڻ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورين قوميتن جي حقن ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ گرينڊ مفتي جي آفيس وچ ۾ اداري جاتي رابطن جي تجويز پيش ڪئي ۽ علمي مٽاسٽا، روحاني تعليم ۽ نوجوانن تائين پهچ جهڙن گڏيل قدمن جي تجويز ڏني ته جيئن گڏيل قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل عالمي علمي سُڃاڻپ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ڀائيچاري ۽ ثقافتي ويجهڙائپ جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين روس جي گرينڊ مفتي کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت به ڏني ته جيئن مذهبي هم آهنگي، روحاني سهڪار ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. دؤري دوران سيد يوسف رضا گيلاني روس جي هڪ اهم ٽيليويزن چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ٻنهي پارليامينٽن وچ ۾ رابطا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مستحڪم ٿي رهيا آهن، اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا مسلسل جاري آهي. قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر، اڳوڻي وزيراعظم ۽ هاڻ سينيٽ چيئرمين طور منهنجو اهو مشاهدو رهيو آهي ته عوامي سطح تي رابطا انتهائي اهم آهن. سينيٽ ۾ پاڪستان، روس فرينڊشپ گروپ جوڙيو ويو آهي. روس سان اسان جا قديم ۽ تاريخي نوعيت جا لاڳاپا آهن، روس جي فيڊريشن ڪائونسل ۽ پاڪستان جي سينيٽ وچ ۾ پهريان کان ئي هڪ ايم او يو تي صحيح ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي وچ ۾ توانائي، گيس، دفاع، سيڪيورٽيءَ جا شعبا، ثقافت، نوجوانن جي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار موجود آهي. واپار جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته واپار جو ڪاٿو وڌيڪ وڌائڻ جي سخت ضرورت آهي. ايس سي او، اي سي او ۽ ٻي سطح تي صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف مختلف ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون آهن، جن جو مقصد واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. هن روڊ اينڊ ريل نيٽ ورڪ ذريعي رابطن جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته هي صدر پيوٽن جو به ويزن آهي، گڏيل قومن ۾ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي جا 80 سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو، ٺهراءُ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو، بعد ۾ پارلياماني سفارتڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي ماسڪو جي سرڪاري دؤري دوران روسي فيڊريشن جي اسٽيٽ ڊوما جي فرسٽ ڊپٽي اسپيڪر اليگزينڊر زوخوف سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ روس جي پارليامينٽ جي سڀ کان وڏين سياسي پارٽين جا نمائندا شريڪ هئا، جيڪو موجوده عالمي غير يقيني صورتحال جي دؤر ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ روس جي قانونساز اداري جي وسيع البنياد عزم جي ترجمان آهي. ملاقات ۾ خطي ۾ استحڪام بابت گڏيل خدشن، خاص ڪري پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ۽ افغانستان ۾ جاري بحران ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳالهين لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم ثابت ٿيو. هن چيو ته افغانستان جي عوام کي صرف زندهه رهڻ جو حق ناهي پر وقار، تعليم، معاشي موقعا به حاصل هئڻ گهرجن. ڪشميري عوام کي خاموشي ۽ ڏاڍ جي پاڇي ۾ فراموش نٿو ڪري سگهجي. هن خطي ۾ اسلاموفوبيا، رياستي سرپرستيءَ ۾ سينسرشپ ۽ انتهاپسنديءَ جي وڌندڙ رجحانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سڄي دنيا جي پارليامينٽيرينز تي زور ڀريو ته هو امن، گڏيل بقا ۽ عالمي قانون جا اجتماعي محافظ بڻجن. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ ۽ روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل وچ ۾ ڊگهي مُدي واري پارلياماني سهڪار لاءِ مفاهمت جي يادداشت ۽ عملدرآمد جي پروٽوڪول تي صحيح ٿي چڪي آهي. هن زور ڀريو ته اسٽيٽ ڊوما جو ڪردار پاڪستان- روس لاڳاپن بابت ڪيتري ئي قانونسازي ۽ عوامي بيانيي جي جوڙجڪ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. ملاقات دوران گڏيل پليٽ فارمز جيئن بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ سهڪار وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿيون جتي ٻئي ملڪ جامع ترقي ۽ ثقافتي سفارتڪاريءَ لاءِ ڪوشان آهن. سينيٽ چيئرمين سان گڏ روس ۾ پاڪستان جو سفير خالد محمود جمالي، سينيٽ چيئرمين جو مالياتي صلاحڪار اعزاز خان ۽ اتان جي سفارتخاني جي عملي جا ميمبر موجود هئا.