اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي سان پاڪستان ۾ مقرر قازقستان جي سفير يرزان ڪيسٽافن هڪ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران حنيف عباسي چيو ته پاڪستان قازقستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ ترقياتي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ان موقعي تي قازقستان جي سفير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان حڪومت سان ڪيترين ئي نَون ۽ اهم معاهدن تي ڳالهيون جاري آهن، جن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي. ملاقات ۾ ريل ذريعي وچ ايشيائي رياستن ۽ پاڪستان وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته علائقائي ڪنيڪٽوٽي لاءِ نوان رستا ريل ذريعي بنائڻ گهرجن ته جيئن واپاري لاڳاپن ۽ ماڻهن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. قازقستان جي سفير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ وڌيڪ سهڪار ممڪن آهي ۽ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته مستقبل ۾ وچ ايشيائي رياستن سان پاڪستان سان واپار ريل ذريعي ڪيو وڃي. سفير چيو ته ان قدم سان نه صرف واپاري رابطن کي بهتر بڻايو ويندو پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وفاقي وزير چيو ته ٻين ڀائر مسلم ملڪن جيئن آذربائيجان ۽ ترڪمانستان کي به ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ته جيئن سڄي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ رابطن کي هٿي ڏئي سگهجي. اها ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ ترقياتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو هڪ اهم ذريعو ثابت ٿيندو ۽ ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ نَون امڪانن جا دروازا کُلندا. سفير وفاقي وزير کي ريلوي جي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته قازقستان پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندو.