اسلام آباد-14 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وزارت پاڪستان جي سامونڊي شعبي جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ جامع بليو اڪانامي پاليسيءَ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو مقصد ساليانو 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آمدنيءَ کي ممڪن بڻائڻ آهي. سامونڊي معاملن واري وزير محمد جنيد انوار چوڌري هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وزارت کي هدايت ڏني ته هو پاليسيءَ جي تياريءَ جي عمل کي تيز ڪن. هن وقتائتي ۽ جامع پاليسي سازيءَ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته بليو اڪانامي پاڪستان لاءِ هڪ اهم معاشي موقعو آهي. وفاقي وزير چيو ته سمورن لاڳاپيل وزارتن، صوبائي حڪومتن، صنعت جي ماهرن ۽ تعليمي ادارن کي ان عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هڪ اثرائتو ۽ گڏيل پاليسي فريم جوڙي سگهجي. بليو اڪانامي هاڻ مستقبل جو خواب نه پر اڄ جي ترجيح آهي. بليو اڪانامي مان مراد سامونڊي وسيلن جو پائيدار استعمال آهي جنهن سان معاشي ترقي، روزگار جا موقعا ۽ انساني زندگيءَ ۾ بهتري آڻيندي سامونڊي ماحولياتي نظام جي حفاظت به ممڪن بنائي وڃي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي موجوده سالياني آمدني ان شعبي مان تقريبن هڪ ارب ڊالر آهي جيڪا قومي جي ڊي پي جو صرف 0.4 سيڪڙو بڻجي ٿي، جڏهن ته مڪمل صلاحيت جي استعمال سان اها آمدني 100 ارب ڊالر ساليانو تائين پهچي سگهي ٿي. هن ٻُڌايو ته موجوده آمدنيءَ ۾ مڇي جي روانگي واپار مان تقريبن 450 ملين ڊالر، جڏهن سامونڊي سياحت مان ساليانو تقريبن 300 ملين ڊالر حاصل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڪاٿن موجب شپنگ مان 810 ارب ڊالر، فشريز مان 78 ارب ڊالر، آبي زراعت مان 10 ارب ڊالر ۽ سامونڊي سياحت مان 56 ارب ڊالر ساليانو آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوه تجديد جوڳي سامونڊي توانائي، جهازن جي ري سائيڪلنگ ۽ روايتي بندرگاهن کي ماحول دوست گرين پورٽس ۾ تبديل ڪري وڌيڪ آمدني حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان جا سامونڊي قومي اثاثا آهن. ۽ جيڪڏهن انهن جو دانشمنديءَ سان انتظام ڪيو وڃي ته اهي معيشت، روزگار ۽ ماحولياتي جٽاداري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.