اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ٻن هفتن دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اهو ٽيون ٽيليفونڪ رابطو هو. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا جي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل جي سفارتڪاري ۽ رابطي، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي تحفظ سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي حوالي سان سندس دلچسپي جو مظهر آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي وسيع تر مفاد ۾ جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڀارت پاران دهشتگردي جي ڪوڙن الزامن ۽ جارحيت جي مذمت ڪئي ۽ ان کي هڪ خطرناڪ مثال قرار ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي ان جو مناسب نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ڀارتي قيادت جي مسلسل اشتعال انگيز بيانن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪي علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لازمي آهي ۽ سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ان جي منصفاڻي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سيڪريٽري جنرل جنگبندي جي آجيان ڪندي شهرين جي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن علائقائي امن ۽ استحڪام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين سان رابطا جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي امن جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ سندس فرض آهي جنهن جي دنيا کي ضرورت آهي.