راولپنڊي – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پسرور ڇانوڻي سيالڪوٽ جو دورو ڪيو. ساڻس گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، دفاع وارو وفاقي وزير،منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير گڏ هئا. ان دوري جو مقصد ”معرڪه حق“ تحت ”آپريشن بُنيانِ مرصوص“ ۾ فوج جي جوانن جي غيرمعمولي بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو (نشان امتياز ملٽري) پڻ ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران وزيراعظم کي ”معرڪه حق“ جي تفصيلن ۽ ڪور جي موجوده آپريشنل تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ”معرڪه حق“ ۾ پاڪ فوج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته قوم جي اڻٿڪ عزم سان پاڪستان جي بهادر فوج ملڪ جو بهترين انداز ۾ دفاع ڪيو ۽ دشمن جي بزدلاڻي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو. تاريخ سدائين ياد رکندي ته ڪهڙي طرح ڪجهه ڪلاڪن ۾ پاڪستان جي محافظن ڀارت جي بنا جواز جارحيت کي بي مثال مهارت ۽ عزم سان خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. جنگ جي محاذ تي موجود آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات دوران وزيراعظم انهن جي بلند حوصلي، غيرمعمولي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ مڪمل تياري کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، اهي قوم جو فخر ۽ وقار آهن. هن بيگناهه شهرين جن ۾ ٻار، عورتون ۽ بزرگ شامل آهن، تي جارحيت کي شرمناڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته انهن کي دهشتگرد چوڻ عالمي قانونن، اخلاقيات ۽ ضابطن جي واضح منافي آهي. وزيراعظم واضح ڪيو ته اسان جي پاران غيرجانبداراڻي جاچ جي آڇ جي باوجود ڀارت ڄاڻي واڻي ان کان پاسو ڪيو ڇو ته انهن وٽ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به نه هو. غرور، تڪبر ۽ ڪوڙي بهانن جي بنياد تي جارحيت ڪئي وئي، جنهن جو تمام گهڻو موثر ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، وزيراعظم چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن ۽ قوم انهن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. دوري جي شروعات تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو.