اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مرحوم سينيٽر پروفيسر ساجد مير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته پروفيسر ساجد مير 28 سالن تائين سينيٽ جو فعال ميمبر رهيو، هر پارٽي ۽ هر ساٿي سندس شرافت، بردباري ۽ تدبر کي ساراهيو، سندس تعلق ڪشميري ڄائي خاندان سان هو ۽ سيالڪوٽ سندس اباڻو علائقو هو. هن چيو ته هو هڪ ڏاهو مذهبي اسڪالر هجڻ سان گڏوگڏ پارلياماني معاملن ۾ پڻ غيرمعمولي بصيرت رکندو هو، ساجد مير سدائين پنهنجي ڪميٽي کي فعال ۽ موثر انداز ۾ هلائيندو رهيو، سندس استقامت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪڏهن به سياسي وفاداريون تبديل نه ڪيون. هن چيو ته ايوان جي ڪارروائي ۾ سندس کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو، الله تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي، جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي.