اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جي معيشت کي ڊيجيٽل بنيادن تي قائم ڪرڻ جي ويزن تي عمل ڪندي پيپرا اي پروڪيورمنٽ جو جديد نظام ڪاميابي سان لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، اي پيڊز سسٽم تحت هيستائين 28 هزار کان وڌيڪ سپلائرز جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي، جن ۾ چار سئو کان وڌيڪ غيرملڪي ڪمپنيون به شامل آهن. هڪ بيان ۾ هن ٻڌايو ته پيپرا سرڪاري سطح تي خريداري جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪندي هڪ موثر فريم ورڪ ۽ معياري طريقيڪار جوڙي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ نمايان اڳڀرائي اي پروڪيورمنٽ سسٽم يا اي پيڊز جو لاڳو ٿيڻ آهي، جنهن جي ذريعي خريداري جو پورو عمل ڊيجيٽل ۽ خودڪار بڻايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اي پيڊز سسٽم، ايف بي آر ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان کان تصديق کانپوءِ غيرملڪي ڪمپنين جي رڳو 24 ڪلاڪن ۾ رجسٽريشن مڪمل ڪري وٺي ٿو. سپلائرز پنهنجي ليپ ٽاپ يا موبائيل فون جي ذريعي سرڪاري ٽينڊرز ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. هاڻي انهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ٽينڊر دستاويز جي خريداري تي رقم خرچ ڪرڻي پوي ٿي. پورو عمل هڪ محفوظ، جديد ۽ صاف دوست آن لائين پليٽ فارم جي ذريعي سرانجام ڏنو وڃي ٿو. پيپرا جي ايم ڊي موجب اي پروڪيورمنٽ جي ذريعي خريداري جي منصوبابندي، ٽينڊر جمع ڪرائڻ، ٻولين جي جانچ ۽ ٺيڪا جاري ڪرڻ تائين سمورا مرحلا خودڪار نظام تحت مڪمل ڪيا پيا وڃن. هن واضح ڪيو ته اهو سسٽم فول پروف آهي ۽ پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سميت ڪو به ماڻهو ان ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي. سسٽم جي باقاعده سيڪيورٽي آڊٽ ٿئي ٿي ۽ شڪايتن جي صورت ۾ لاگ جي ذريعي سموري رڪارڊ تائين پهچ ممڪن آهي، انهي خوبي خريداري جي عمل ۾ وڌيڪ شفافيت کي فروغ ڏنو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 18هين آئيني ترميم کانپوءِ سرڪاري سطح تي خريداري هڪ صوبائي معاملو بڻجي چڪو آهي ۽ هر صوبي پنهنجي پروڪيورمنٽ اٿارٽيز ۽ رولز ٺاهي ورتا آهن، جڏهن ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سميت سمورا صوبا پيپرا جي اي پيڊز سسٽم مان فائدو کڻي رهيا آهن. بلوچستان به ايندڙ جون کان اهو نظام اختيار ڪري وٺندو. هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي دستيابي ۾ بهتري آئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪٿي مسئلو ٿئي ته سپلائرز صوبائي پيپرا يا وفاقي پيپرا جي هيلپ لائين تي صبح 8 کان رات 12 وڳي تائين رابطو ڪري سگهن ٿا. مُشڪل صورتحال ۾ آفيس اچي مڪمل رهنمائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) هڪ خودمختيار ريگيوليٽري ادارو آهي جيڪو پيپرا ارڊيننس تحت قائم ڪيو ويو. اداري جو بنيادي مقصد سرڪاري ادارن ۾ شين، تعميراتي ڪمن ۽ ڪنسلٽنسي خدمتن جي خريداري کي پيپرا رولز 2004ع تحت منظم ڪرڻ آهي، ته جيئن شفاف، موثر ۽ منصفاڻي خريداري کي فروغ ڏئي سگهجي.