حيدرآباد-14 مئي (اي پي پي) ميري پهچان پاڪستان پارٽي پاڪ فوج جي ڀارت خلاف تاريخي فتح تي حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا جنهن کان پوءِ پاڪستان، هٿيار بند فوج ۽ ڪشميرين لاءِ خصوصي دعا گهري وئي. تقريب جي قيادت ميري پهچان پاڪستان جي اڳواڻن محمد پناهه پهنيار، اسلم غوري، عارف قائمخاني ۽ جاويد ملڪ ڪئي. تقريب ۾ موجود شهرين پاران پاڪستان زنده آباد ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي پارٽي جي اڳواڻن پاڪ فوج جي شاندار ڪاميابي تي هٿيار بند فوج ، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ هوائي فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. مقررن جو چوڻ هو ته ڀارت جو غرور ٽوڙي هوائي، بحري ۽ زميني فوج مسلمان امت جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي، پاڪستان جي زبردست حڪمت عملي سان هن جنگ ۾ ڪاميابي ملي مقررن آمريڪا طرفان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڏنل بيان کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.