لاڙڪاڻو – 14 مئي (اي پي پي) سنڌ جي تعليم، ترقي ۽ معدنيات واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته برساتن سبب تباهه ٿيل سڀ اسڪُول بحال نٿا ڪري سگهُون، عدالتي فيصلن سبب رڪيل ڀرتين تي ٻيهر ٻيھر عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، اسڪولن جي مرمت ۽ تعمير جي نظام کي مقامي سطح تي فعال ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي آھي، تعليم کاتي ۾ مقامي سطح تي چوڪيدار ۽ سينيٽري ورڪرز جي ڀرتي ڪئي ويندي، لاڙڪاڻو ريجن ۾ تعليمي مسئلن جي حل ۽ آئينده بجيٽ جي حوالي سان ترقياتي اسڪيمن بابت مقامي ڌرين سان صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. لاڙڪاڻو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته جولائي ۾ انھن مسئلن جو فالو اپ اجلاس ٿيندو. عدالتي فيصلن سبب رڪيل ڀرتين تي ٻيهر ٻيھر عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي.اسڪولن جي مرمت ۽ تعمير جي نظام کي مقامي سطح تي فعال ڪرڻ جي منصوبا بندي ڪئي آھي. تعليم کاتي ۾ مقامي سطح تي چوڪيدار ۽ سينيٽري ورڪرز جي ڀرتي ڪئي ويندي .اسڪولن لاءِ فرنيچر خريداري به اسڪول انتظاميا کي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رھيا آھيون، برساتن جي ڪري سنڌ جا 40 ھزار اسڪول مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ٿيا هئا، سنڌ جي مڪمل ترقياتي بجيٽ سان به 20 ھزار اسڪول بحال نه ٿا ڪري سگهون .لاڙڪاڻو ۾ في الحال 5 ھزار اسڪولن جي بحالي جو ڪم جاري آھي .وفاقي حڪومت 5 ارب روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو جنھن مان هڪ ارب روپيا جاري ڪيا آهن.گذريل سال ڪجھ بند اسڪولن کي فرنيچر فراھم ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري سميت ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آھي جنھن کي جون تائين مڪمل ڪيو ويندو.