اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ضرورت جي شين بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون، لاڳاپيل سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر عملدارن ۽ نجي شعبي جي نمائندن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاڳاپيل ڌرين کي کاڌي پيتي جي ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جا سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن صارفين جي تحفظ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي فراهمي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتجي عزم تي زور ڏنو.