اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستاني فوج جي مؤثر ۽ متحد ردِعمل کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي طنز انداز ۾ ”سرينڊر موڊي“ قرار ڏنو. پ پ جي سينيئر اڳواڻ حنا رباني کر ڀارت جي جارحاڻي رويي جي مذمت ڪندي ان کي غير ذميداراڻو ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ڀارت بي عقليءَ کان ڪم ورتو، ٻي طرف پاڪستان ذميداري جو مظاهرو ڪيو پر اسان جي صبر کي ڪمزوري سمجهيو ويو. هن آرٽيڪل 370 جي خاتمي تي عالمي برادري جي خاموشيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪشمير مسئلي کي تڪراري تسليم ڪيو آهي. هن خبردار ڪيو ته دهشتگرديءَ خلاف ڪارروائيءَ جي نالي تي سرحد پار حملن کي جواز ڏيڻ خطرناڪ مثال بڻجندو، جيڪڏهن اهڙي دليل کي قبول ڪيو ويو ته پاڪستان به ڀارت ۾ ڪاررواين جو جواز ڏئي سگهي ٿو جتي اسان کي ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ثبوت مليا آهن. پ پ اڳواڻ عبدالقادر پٽيل پاڪستاني فوج، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فضائيه کي جرئتمنداڻي ۽ متحد ردِعمل تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن به مودي کي ”سرينڊر مودي“ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين. هن ڀارت تي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئڻ جو الزام لڳايو ۽ پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪاوشن جو نتيجو قرار ڏنو. هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي عالمي سطح تي پاڪستان جي امن جي پيغام جي ترجمانيءَ کي به ساراهيو. مجلس وحدت المسلمين جي ميمبر حميد حسين ڀارتي حملن خلاف فوج، سياسي قيادت، ميڊيا ۽ عوام جي يڪجهتيءَ کي ساراهيو. تحريڪ انصاف جي ميمبر فضل محمد خان پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان جي آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس نه صرف خطي پر عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيت ثابت ڪري ڇڏي آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ عبدالغفور حيدري پاڪستاني فوج جي تعريف ڪئي ۽ چين ۽ ترڪيه جهڙن دوست ملڪن جو شڪريو ادا ڪيو جن ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي ميمبر سيد وسيم حسين قومي يڪجهتي ۽ پاڪستاني فوج جي سخت ردِعمل کي ساراهيو. پ پ جي سحر ڪامران حڪومت جي پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو ته تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارت کي سفارتي اڪيلائي جو مُنهن ڏسڻو پيو. هن آپريشن ”بنيان المرصوص“ دوران قومي اتحاد جي به تعريف ڪئي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري اصغر خان چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته حڪومت ڀارت کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو، ڀارت عالمي سطح تي اڪيلو رهجي ويو. پ پ جي مرزا اختيار بيگ قوم کي مبارڪون ڏيندي پاڪستاني فوج جي ردِعمل کي تاريخي لمحو قرار ڏنو. پ پ جي ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته پاڪستاني فوج ڀارتي ڊرونز ۽ جهاز ڪيرائي فيصلائتو ردِعمل ڏنو. هن چيو ته پوري قوم خاص ڪري اقليتي برادري ڀارتي اڳرائيءَ خلاف فوج سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل رهي.