اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) مذهبي ۽ اقليتن معاملن بابت مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته حق جي ويڙهه ۾ سچي ۽ ڪوڙي ميڊيا وچ ۾ مقابلو ٿيو، حق ۽ سچ کٽي ويو، ڀارت کي ان محاذ تي شڪست ملي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ذميداراڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڀارت جا ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هن ڀيري به ثابت نه ٿي سگهيا.