اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم جي گذريل ڏينهن جي خطاب ۾ اشتعال انگيز بيانن کي رد ڪندي چيو آهي ته امن جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اڳتي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور عزم سان مقابلو ڪيو ويندو، پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن جي سڌوسنئون سرپرستي ڀارت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششون ڪيون پيون وڃن ڀارتي وزيراعظم جو خطاب غلط معلومات، سياسي موقعي پرستي ۽ عالمي قانون جي واضح بي توقيري سان جڙيل خطرناڪ اضافي جي نمائندگي ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اهو بيان جارحيت جو جواز پيش ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪندڙ داستان ٺاهڻ جي رجحان جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان تازي جنگبندي، مفاهمت ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اها جنگبندي ڪيترن ئي دوست ملڪن جي سهولت جي نتيجي ۾ ٿي جن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي پيغام سان اسان سان رابطو ڪيو. هن چيو ته مايوسي ۽ بدحواسي ۾ اهو چوڻ ته جنگبندي جي خواهش پاڪستان ڪئي هڪ سڌوسنئون ڪوڙ آهي. ترجمان چيو ته پهلگام حملي ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ، فوجي مهم جوئي جو جواز پيش ڪرڻ، ملڪي سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ، وڌندڙ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ تان ڌيان هٽائڻ، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ هر طرف کان تيار ڪيل ڌمڪي آميز بيانيي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ تصديق ٿيل ثبوتن کانسواءِ فائدو کنيو پيو وڃي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي جي ڪوڙي بهاني معصوم پاڪستاني شهرين جي خلاف غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز ڀارتي جارحيت کانپوءِ ۽ پاڪستان جي تحمل جي باوجود ڄاڻي واڻي پاڪستان جي فوجي اڏن کي نشانو بڻائي صورتحال کي وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏيو جنهن سان بي قابو ٿيندڙ صورتحال جو خطرو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارتي قدمن جارحيت جو هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪيو ۽ اهو پوري خطي کي تباهي جي ويجهو وٺي ويو، اها هڪ ترميم پسند اداڪار جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ عدم استحڪام کي برقرار رکڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت معصوم شهرين بشمول وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي ناحق رت ۽ قتل کي جواز بڻائي رهيو آهي ۽ گڏوگڏ پنهنجي ان انتهائي غيرذميواراڻي روش کي خطي جي لاءِ ”نئين معمول“ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان دعويٰ کي رد ڪري ٿو، ”معمول“ اهو آهي ته ڪنهن کي به گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي جيئن پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت سان گڏوگڏ پنهنجي عوام جي سلامتي جي دفاع ۾ ڀرپور طريقي سان مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪا غلطي نه ڪري، اسان ايندڙ ڏينهن ۾ ڀارت جي قدمن ۽ رويي تي سخت نظر رکنداسين ۽ اسان عالمي برادري کي به ائين ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان پاران پنهنجي دفاع جي حق سان هم آهنگ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان ڀارتي فوجي صلاحيت ۽ هدفن جي خلاف پنهنجي طاقت ثابت ڪئي، هاڻي اها هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي جنهن کي غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه سان بدلائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي عڪاسي ان پاران سنڌ طاس معاهدي جهڙن پابند معاهدن جي تقدس جي واضح نظراندازي مان به ٿئي ٿي جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل پاڻي وسيلن جو نظام هلايو آهي. هن چيو ته پاڪستان معاهدي تحت پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن جي سڌوسنئون سرپرستي ڀارت ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جي لعنت سان اسان تمام گهڻو نقصان کنيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ اسان جون خدمتون ۽ قربانيون سڀ ڄاڻين ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حلجي حمايت ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ اسان صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جن جو مقصد ان تڪرار کي حل ڪرڻ آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو سبب آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ امن ئي اصل طاقت آهي، دنيا جي خدمت عسڪريت پسندي ۽ وڏي حيثيت سان ناهي ٿيندي پر بالغ قيادت، علائقائي تعاون ۽ عالمي اصولن جي احترام سان ٿئي ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جنهن ۾ باصلاحيت ادارا، هڪ پرعزم آبادي ۽ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ عالمي سطح تي تسليم ٿيل ڪردار آهي، امن جي لاءِ اسان جي عزم کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اڳتي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور عزم سان مقابلو ڪيو ويندو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته ڀارت علائقائي استحڪام ۽ پنهنجي شهرين جي ڀلائي کي تنگ نظر ۽ سياسي طور تي محرڪ جنگي پرڏيهي پاليسي تي ترجيح ڏيندو.