اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج شهيدن ۽ سندن ڪٽنبن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارت خلاف عظيم فتح شهيدن جي رت سان ملي آهي، اسان دشمن کي پنجن ئي محاذن تي شڪست ڏني، ڀارت هاڻ ڪنهن به ايڊوينچر کان پهريون سؤ ڀيرا سوچيندو. هو حق واري ويڙهه جي شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري ۽ دُعا کان پوءِ شهيدن جي وارثن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته پوري قوم سندن شڪرگذار آهي، شهيدن هڪ عظيم مقصد لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي قربانين سان هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، پوري قوم شهيدن ۽ سندن پونئيرن جي قرضي آهي. هن چيو ته عسڪري قيادت، حڪومت ۽ عوام پنهنجي شهيدن کي دل ۽ جان سان خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. وفاقي وزير ڀارتي اڳرائيءَ ۾ شهيد ٿيل سپاهي محمد عديل ۽ شهري عبدالمالڪ جي قبرن تي به حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.