اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسعد محمود ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران مولانا اسعد محمود ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.